تازہ ترین

پاڪستان ۽ ڀارت ننڍيون نه پر وڏيون ايٽمي قوتون آهن، کين نظرانداز نٿو ڪري سگھجي: ڊونلڊ ٽرمپ

غزه ۾ تمام گھڻا ماڻهو بک وگھي مري رهيا آهن ۽ ان مسئلي کي جلد حل ڪرڻ وارا آهيون: دوري جي پڄاڻي تي انٽرويو

ابوظهبي (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ننڍيون نه پر وڏيون ايٽمي قوتون آهن، ٻئي ملڪ ناراض هئا.

هو هڪ ٻئي تي ميزائلن سان حملا ڪري رهيا هئا، حالتون خراب ٿي رهيون هيون، نيوڪليئر هٿيارن تائين به ڳالهه پهچي سگهي پئي.

سندس چوڻ هو ته مون پنهنجي نمائندن کي چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت سان فون تي رابطو ڪيو، پاڪ ڀارت جنگبندي جي سڀ کان وڌيڪ واکاڻ ڪئي وئي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته هو واپار کي دشمني ختم ڪرڻ ۽ امن لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي، ڀارت سڀ کان وڌيڪ ٽيرف لڳائيندو آهي.

ڀارت ڪاروبار ڪرڻ لڳ ڀڳ ناممڪن بڻائي ڇڏيو آهي، پاڪستان سان بهتر ڳالهيون ٿيون، پاڪستان کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان جي به خواهش آهي ته آمريڪا سان واپار ڪري.

آمريڪي صدر چيو ته غزه ۾ تمام گھڻا ماڻهو بک وگھي مري رهيا آهن ۽ ان مسئلي کي حل ڪرڻ وارا آهيون.

آمريڪي صدر نار ملڪن جو دورو مڪمل ڪري واپس آمريڪا روانو ٿي ويو جڏهن ته هو نار ملڪ کان واپسيءَ تي اسرائيل نه ويو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.