صدر پاران ڀارتي حملن ۾ زخمي ٿيندڙ پاڪستاني فوجين ۽ متاثر شهرين جي عيادت
راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري جو سي ايم ايڇ راولپنڊي جو دورو، صدر پاران ڀارتي حملن ۾ زخمي ٿيندڙ پاڪستاني فوجين ۽ متاثر شهرين جي عيادت.
صدر آصف زرداريءَ پاران زخمين سان الڳ الڳ ملاقات ڪري سندن بهادري، قرباني ۽ حب الوطني جي ساراهه ڪئي.
صدر زرداري جوانن سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستاني قوم دشمن جي اڳرائي جو ثابت قدميءَ سان مقابلو ڪيو آهي، ڀارت جو رويو جارحاڻو، انتها پسند ۽ علائقي جي امن لاءِ خطرو آهي.
صدر آصف علي زرداري چيو ته مودي سرڪار پاڪستان خلاف اڳراين کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿي.
هن چيو ته پاڪستان جي خودمختياري ۽ قومي سلامتي تي حملي جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين.
سڄي قوم ڪنهن به اڳرائي کي منهن ڏيڻ لاءِ متحد، پرعزم ۽ تيار آهي، پاڪستان ڪنهن به قسم جي اڳرائي جو مناسب جواب ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو.