تازہ ترین

آمريڪي صدر پاران سعودي عرب تي اسرائيل کي تسليم ڪرڻ  تي زور

سعودي عرب پاران اسرائيل کي تسليم ڪرڻ سان منهنجي عزت افزائي ٿيندي: ڊونلڊ ٽرمپ

رياض (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي صدر پاران سعودي عرب تي اسرائيل کي تسليم ڪرڻ  تي زور، سعودي عرب پاران اسرائيل کي تسليم ڪرڻ سان منهنجي عزت افزائي ٿيندي.

ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته منهنجي خواهش آهي ته سعودي عرب  جلد ئي  ابراهيمي معاهدي  ۾ شامل  ٿي وڃي.

هن چيو ته وچ اوڀر جي مستقبل لاءِ تمام اهم اڳڀرائي ٿيندي، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته مون کي جنگيون پسند ناهن، دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ايران سان ڊيل ڪرڻ چاهيان ٿو، جوبائيڊن جو حوثي باغين کي دهشتگرد تنظيمن مان ڪڍڻ غلط قدم هو.

آمريڪي صدر ٽرمپ آمريڪن انويسٽمينٽ فورم کي خطاب ڪندي چيو ته ايران امن جي آڇ کي نظرانداز ڪيو ته پابندين ذريعي سخت پاليسيون جاري رکنداسين.

يران کي ياد رکڻ گهرجي ته آمريڪا جي آڇ هميشه لاءِ نه هوندي، آمريڪا امن جي قيام لاءِ فوجي طاقت استعمال ڪري رهيو آهي.

اسان ڪنهن به جنگ ۾ شامل نه ٿينداسين، رتوڇاڻ کي روڪڻ گهرجي، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات بعد شام تي لاڳو پابنديون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.