پاڻي، نيڪالي، سولر توانائي، صنعتي ۽ زرعي ترقي جون اسڪيمون شامل هونديون، ٻوڏ متاثر اسڪولن جي ٻيهر اڏاوت اوليت هوندي
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته نئين مالي سال جي سنڌ بجيٽ ۾ سالياني ترقياتي پروگرام ۾ نيون رٿائون شامل ڪيون وينديون.
هن چيو ته پاڻي، نيڪالي، سولر توانائي، صنعتي ۽ زرعي ترقي جون اسڪيمون شامل هونديون، ٻوڏ متاثر اسڪولن جي ٻيهر اڏاوت کي ترجيح ڏني ويندي.
سڀني نون ۽ جاري اسڪيمز جي مڪمل رٿابندي ڪئي وڃي، نئين تجويز ڪيل اسڪيمز جو تفصيلي جائزو وٺي منظور ڪيون وڃن.
وڏي وزير مراد علي شاهه صدارت هيٺ سالياني ترقياتي پروگرام بابت اجلاس، نين اسڪيمن جو جائزو ورتو ويو.