شهيدن جي جنازي نماز ۾ پنجاب اسيمبلي اسپيڪر ملڪ احمد خان ۽ شهرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت
قصور (نيشنل ڊيسڪ) قصور ۾ ڀارتي حملن ۾ شهيد ٿيلن جي جنازي نماز ادا، جنازي نماز ۾ سياستدانن ۽ شهرين جي شرڪت.
شهيدن جي جنازي نماز ۾ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ احمد خان ۽ شهرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ملڪ احمد خان جو چوڻ آهي ته پاڪستان جو ٻچو ٻچو پاڪ فوج سان گڏ آهي، پاڪستاني قوم جي جذبي کي ڪو به شڪست نٿو ڏئي سگهي.