تازہ ترین

پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي اڳرائي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 12 ڀارتي جاسوس ڊورن ڪرائي تباهه ڪيا ويا آهن: هنگامي پريس ڪانفرنس

راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌريءَ چيو آهي ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي اڳرائي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي.

هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 12 ڀارتي جاسوس ڊورن ڪرائي تباهه ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته ڏهرڪي ۾ ڊورن حملي ۾ هڪ ڳوٺاڻو شهيد جڏهن ته لاهور  ۾ ڊورن ڪرڻ 4 فوجي جوان زخمي ٿي پيا آهن.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جو چوڻ آهي ته ڀارت 7 ۽ 8 مئي جي رات هڪ ڀيرو ٻيهر اڳرائي جي ڪوشش ڪئي.

پاڪ فوج پاران پاران لاهور، راولپنڊي، گجرانوالا، چڪوال، ڏهرڪي، ڇور، ڪراچي سميت 12 هنڌن تي ڀارتي جاسوس ڊورن ڪرايا ويا.

هن چيو ته ڀارت مسجدن ۽ شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ جو ڏوهه ڪيو آهي،  ڀارت طرفان دخل اندازي وڏو سنگين معاملو آهي، عالمي برادري ڀارتي اڳرائي جي شاهد آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.