تازہ ترین

خواجه آصف ڀارت سان مڪمل جنگ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو

پاڪستان ڇڪتان وڌائڻ نٿو چاهي، پر ڀارت صورتحال کي وڌيڪ سنگين بڻائي رهيو آهي: سي اين اين کي انٽرويو

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف ڀارت سان مڪمل جنگ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو.

آمريڪي ٽي وي سي اين اين کي انٽرويو ڏيندي خواجه آصف واضح پيغام ڏنو ته پاڪستان ڇڪتان وڌائڻ نٿو چاهي، پر ڀارت صورتحال کي وڌيڪ سنگين بڻائي رهيو آهي، ان ۾ ڪو شق ناهي ته پاڪستان هڪ مڪمل جنگ لاءِ ڀرپور طريقي سان تيار آهي.

هن چيو ته پاڪ ڀارت تڪرار هڪ مڪمل جنگ جي صورت اختيار ڪري سگھي ٿو، ڀارت بين الاقوامي سرحدي ڀڃڪڙي ڪري صورتحال کي وڌيڪ سنگين بڻايو ۽ دهلي سرڪار لاڳيتو ڇڪتاڻ وڌائي رهي آهي.

خواجه آصف چيو ته ان ۾ ڪو شق ناهي ته اسان هڪ مڪمل جنگ لاءِ ڀرپور طريقي سان تيار آهيون، ڇڪتاڻ وڌائڻ نٿا چاهيون پر ڀارت لاڳيتو اهڙا قدم کڻي رهيو آهي جنهن سان تڪرار ۾ اضافو ٿئي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.