تازہ ترین

ڀارت بزدلاڻو حملو ڪيو، جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

ڀارت جو مڪروهه چهرو دنيا آڏو وائکو ٿي چڪو آهي، ڀارت بزدل دشمن آهي: پريس ڪانفرنس

راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ڀارت بزدلاڻو حملو ڪيو، جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي.

ڀارت جو مڪروهه چهرو دنيا آڏو وائکو ٿي چڪو آهي، ڀارت بزدل دشمن آهي، جنهن معصوم شهرين کي نشانو بڻايو.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارتي حملي ۾ 31 شهري شهيد، 57 زخمي ٿي پيا، ٻارڙن کي دهشتگردي جو نشانو بڻائڻ ڪٿان جي بهادري آهي؟

ڊي جي آءِ ايس پي آر احمد شريف چوڌري جي اهم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي کي هٿي ڏني.

هوائي فوج بروقت ڪارروائي ڪري ڀارتي جديد جهازن کي ڌوڙ ڪري ڇڏيو، پاڪ فوج جوابي ڪارروائي ۾ رڳو ملٽري هدفن کي نشانو بڻايو ويو.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ايل او سي تي جوابي ڪارروائي ۾ ڪيتريون ئي ڀارتي چيڪ پوسٽون تباهه ڪيون، جوابي ڪارروائي ۾ پاڪ فوج جو هڪ به سپاهي شهيد ناهي ٿيو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.