تازہ ترین

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوٽ غلام محمد آمد، ٻوڏ متاثرن جي ٺهندڙ گھرن جو دورو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران عورتن کي گھرن جي مالڪاڻن حقن جون سندون به ڏنيون ويون

ڪوٽ غلام محمد (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوٽ غلام محمد آمد، سنڌ پيپلز هائوسنگ تحت ٻوڏ متاثرن لاءِ تعمير ٿيندڙ گهرن جو دورو.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران عورتن کي گھرن جي مالڪاڻن حقن جون سندون به ڏنيون ويون.

پ پ چيئرمين جي ڳوٺ غلام مصطفيٰ لغاري آمد تي مقامي ماڻهن سندس جوش ۽ جذبي سان آجيان ڪئي.

ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري کي برفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ڳوٺ غلام مصطفيٰ لغاري ۾ ٻوڏ متاثرن سوا 2 ايڪڙ زمين پاڻ پئسا جمع ڪري خريد ڪئي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻوڏ متاثرن کي گهرن جا مالڪاڻا حق ڏئي مضبوط ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته پيپلز هائوسنگ رٿا دنيا جو سڀ کان رهائشي منصوبو آهي، اسڪيم تحت 20 لک خاندانن کي فائدو ٿيندو.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پيپلز هائوسنگ اسڪيم شهيد راڻي بينظير ڀٽو جو خواب هو ۽ پارٽي منشور ۾ شامل آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.