تازہ ترین

سي سي آءِ اجلاس مان تڪراري ڪئنال رد ٿيڻ بعد مختلف هنڌن تي لڳل ڌرڻا ختم

ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ لڳل ڌرڻو سنڌ حڪومت جي وفد سان ملاقات بعد ختم ڪيو ويندو: اڳواڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سي سي آءِ اجلاس مان تڪراري ڪئنال رد ٿيڻ بعد مختلف هنڌن تي لڳل ڌرڻا ختم، ٽريفڪ بحال، ڪمون شهيد وٽ لڳل ڌرڻو ستن ڏينهن کان پوءِ ختم.

ڪنڌڪوٽ ۾ انڊس هاءِ وي جي گولا موڙ وٽ وڪيل برادري ۽ آل پارٽيز جو لڳل ڌرڻو نائين ڏينهن ختم ڪيو ويو، روڊ کلڻ سبب پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بحال.

ملير جي قومي شاهراهه ۽ فيض گنج وٽ مهراڻ هاءِ وي تي لڳل ڌرڻا به ختم ٿي ويا، ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ لڳل ڌرڻو جاري، سنڌ حڪومت جي وفد سان ملاقات بعد ختم ڪيو ويندو.

بئريسٽر سرفراز ميتلو چيو آهي ته تڪراري ڪئنال رٿا رد ٿيڻ وڏي ڪاميابي آھي، اڄ ڪئنال رٿا رد ٿيڻ جو جشن ملهايو ويندو.

عامر نواز وڙائچ چيو آهي ته ڪئنال رٿا رد ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن ملي ويو آھي، ڌرڻا ختم ڪيا آھن، سنڌ حڪومت جو وفد اڄ وڪيلن جي ڪاميٽي سان ملاقات ڪندو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.