تازہ ترین

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات

محسن نقويءَ صدر کي پهلگام واقعي بعد ڀارت جي غير ذميواراڻن قدمن ۽ پاڪستان جي فيصلن بابت بريفنگ ڏني

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات.

گھرو وزير محسن نقوي صدر آصف علي زرداريءَ کي پهلگام واقعي بعد ڀارت جي غير ذميواراڻن قدمن ۽ قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلن بابت بريفنگ ڏني.

صدر آصف علي زرداري پاران قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي وقت سر فيصلن جي واکاڻ ڪئي وئي.

سندس چوڻ آهي ته قومي سلامتي ڪميٽيءَ جا  فيصلا  قوم جي دل جو آواز آهن، سموري قوم سلامتي ڪميٽي جي فيصلن ۽ قدمن سان گڏ بيٺل آهي.

صدر چيو ته ڀارت جي بي بنياد الزامن ۽ غير منطقي قدمن جو ڪو جواز ناهي، دشمن ڪنهن غلط فهمي ۾ نه رهي، پاڪستان جو دفاع ناقابل شڪست آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.