تازہ ترین

تڪراري ڪئنالن خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي وڪيلن جو ستين ڏينهن به ڌرڻو جاري

وڪيلن سان ٻڌي طور سياسي، سماجي، مذهبي، قومپرست، ڳوٺاڻن، آبادگارن، توڙي سول سوسائٽي جي ماڻهن جي ڏينهن رات آمد

ٻٻرلوءِ (ويب ڊيسڪ) تڪراري ڪئنالن خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي وڪيلن جو ستين ڏينهن به ڌرڻو جاري.

وڪيلن سان يڪجهتي طور سياسي، سماجي، مذهبي، قوم پرست، ڳوٺاڻن، آبادگارن، توڙي سول سوسائٽي جَي ماڻهن جِي ڏينهن رات آمد.

ڌرڻي ۾ صوفي راڳي به  سنگ سميت پهتل، سنڌ جي قومي گيتن جي گونجار.

ڪمون شهيد سنڌپنجاب دنگ تي به ڌرڻو لڳل، پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل.

ڪراچي بار جي سڏ تي بن قاسم لنڪ روڊ تي ٽئين ڏينهن به ڌرڻو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ڪراچي بار جي  صدر عامر نواز وڙائچ چيو آهي ته سنڌ سان وفا ڪرڻ جو وقت هاڻ اچي ويو آهي.

هن چيو ته ڪئنالن وارو فيصلو واپس ٿيڻ تائين سڪون سان نه ويهنداسين، وفاق ڀلي ڪنهن به پارٽي سان ڳالھائي، اسان کي ڪو ڪريڊٽ نه گهرجي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.