تازہ ترین

ڪئنالن بابت هر احتجاج جي آجيان آهي، سوشل ميڊيا تي ڪئنالن تي گهٽ پ پ تي وڌيڪ تنقيد پئي ٿئي: ناصر حسين شاهه/ عاجز ڌامراهه

پ پ کي خبر هئي ته ڪئنال سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي لاءِ ٺاهيا پيا وڃن، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جي ڪوشش تي رٿا جي مخالفت ڪئي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته خيالي ڳالهين تي ڪئنالن وارو منصوبو جوڙيو ويو، وزيراعظم معاملي کي ڏسي ٺيڪ فيصلو ڪري.

سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ صوبائي وزير عاجز ڌامراهه گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن دوران ناصر حسين شاهه چيو ته تڪراري ڪئنال قبول نه آهن.

هن چيو ته ارسا 50ورهين جي ڊيٽا جي بنياد تي رٿا لاءِ سرٽيفڪيٽ ڏنو، ارسا جو سرٽيفڪيٽ غلط انگن اکرن تي ٻڌل آهي.

ان موقعي تي پ پ اڳواڻ عاجز ڌامراهه چيو ته پ پ کي خبر هئي ته ڪئنال سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي لاءِ ٺاهيا پيا وڃن، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جي ڪوشش تي رٿا جي مخالفت ڪئي وئي.

پ پ اڳواڻ چيو ته ڪئنالن بابت هر احتجاج جي آجيان ڪيون ٿا، سوشل ميڊيا تي ڪئنالن بابت گهٽ پ پ تي وڌيڪ تنقيد ٿي رهي آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.