تازہ ترین

وڪيلن جو الٽيميٽم پورو، مطالبو نه مڃيو ويو ته جڙتو حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جي تحريڪ هلائينداسين

اهم گڏجاڻي رٿيل، اڳتي جي لائحه عمل جو اعلان ٿيندو، ريلوي ٽريڪ بند ڪرڻ سميت مختلف آپشنز تي غور ٿيندو

ٻٻر لوءِ (ويب ڊيسڪ) وڪيلن طرفان حڪومت کي ڏنل الٽيميٽم اڄ پورو ٿي ويو، وڪيلن جي اهم گڏجاڻي رٿيل.

رٿيل گڏجاڻيءَ ۾ اڳتي جي لائحه عمل جو اعلان ٿيندو، ريلوي ٽريڪ بند ڪرڻ سميت مختلف آپشنز تي غور ڪيو ويندو.

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي سميت ٻين شھرن کان پهتل وڪيل ڌرڻي ۾ ويٺل، سياسي سماجي قومپرست تنظيمن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن به ڌرڻي ۾ موجود.

اسان هتي مري وينداسين پر ڪئنال ختم ٿيڻ تائين واپس نه وينداسين: ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ جو اعلان.

سندس چوڻ هو ته سنڌوءَ تي 6 ته ڇا پر اڌ ڪئنال به منظور ناهي، مطالبو تسليم نه ٿيو ته جڙتو حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جي تحريڪ شروع ڪنداسين.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.