اجلاس ۾ قومي زرعي پاليسي جي گهرجن جي حوالي سان غور ويچار
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس، قومي زرعي پاليسي جي گهرجن جي حوالي سان غور ويچار.
اجلاس ۾ نوجوانن جي صلاحيتن کي استعمال هيٺ آڻڻ تي غور، وزيراعظم چيو ته تجربيڪار ماهرن جي نگراني ۾ حڪمت عملي جوڙي وڃي.
وزيراعظم چيو ته رب پاڪ ملڪ کي زرعي ماهرن ۽ محنتي هارين سان نوازيو آهي، هڪ زمانو هو جو پاڪستان وونئڻن ۽ ڪڻڪ سميت ٻين فصلن ۾ پاڻڀرو هو.