سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

عمرڪوٽ جي قومي تڪ اين اي 213 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جاري

پ پ اميدوار صبا ٽالپر ۽ گڏيل مخالف ڌر جي اميدوار لال چند مالهي ۾ سخت مقابلو

عمرڪوٽ (ويب ڊيسڪ) عمرڪوٽ جي قومي تڪ اين اي 213 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ شروع.

پيپلز پارٽي جي اميدوار صبا ٽالپر ۽ گڏيل اپوزيشن جي اميدوار لال چند مالهي وچ ۾ سخت مقابلي جا امڪان، مجموعي طور 18 اميدوار ميدان تي لٿل.

وڏي انگ ۾ ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق ادا ڪرڻ لاءِ پولنگ اسٽيشنز تي پهچي ويا، پولنگ جو عمل شام 5 وڳي تائين جاري رهندو.

تڪ ۾ ڪُل 498 پولنگ اسٽيشنز مان 269 حساس ۽ 91 انتهائي حساس قرار ڏنيون ويون، سڪيورٽي جا انتظام سخت.

عمرڪوٽ جي اين اي 213 جِي سيٽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نواب يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي کان پوءِ خالي ٿي هئي.

Related posts

Leave the first comment