تازہ ترین

سوات ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 4 خارجي دهشتگرد مارجي ويا

سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خارجين جي موجودگيءَ جي اطلاع تي گڏيل آپريشن ڪيو

پشاور (نيشنل ڊيسڪ) خيبرپختو خوا جي ضلعي سوات ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گڏيل آپريشن ۾ 4 خارجي دهشتگرد مارجي ويا.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خارجين جي موجودگيءَ جي اطلاع تي سوات ضلعي ۾ انٽيليجنس بنياد تي گڏيل آپريشن ڪيو.

سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي خارجين جي ٿاڪن تي اثرائتي ڪارروائيءَ جي نتيجي ۾ 4 خارجي دهشتگرد مارجي ويا.

مارجي ويندڙ خارجين جي قبضي مان هٿيار ۽ بارود به هٿ ڪيو ويو، مارجي ويندڙ خارجي علائقي ۾ دهشتگرديءَ جي ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا.

آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ ملندڙ ڪنهن به امڪاني خارجي دهشتگرد جي خاتمي جي لاءِ ڪليئرنس آپريشن به ڪيو ويو.

جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي سيڪيورٽي فورس ملڪ مان دهشتگرديءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.