صوبائي وزير ڊسٽرڪٽ جيل ملير جي قيدين سان ملاقات، جيل جي مختلف حصن جو دورو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جيل کاتي جي وزير علي حسن زرداري پاران ڊسٽرڪٽ جيل ملير جو دورو، قيدين سان ملاقات، کانئن مسئلا پڇيا.
جيل کاتي جي وزير علي حسن زرداري ڊسٽرڪٽ جيل ملير جي قيدين سان ملاقات ڪري جيل جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ تفصيل معلوم ڪيا.
ان موقعي تي صوبائي وزير انتظاميا کي هدايت ڪئي ته قيدين سان ملڻ لاءِ ايندڙ سندن مائٽن کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
صوبائي وزير جيل علي حسن زرداريءَ جيل ۾ قيديءَ سان ملاقات لاءِ آيل ٻارڙي کي ڳراٽڙي پائي کائنس مسئلا پڇيا.
صوبائي وزير انتظاميا کي هدايت ڪئي ته قيدين سان ملڻ لاءِ ايندڙ عورتن کي خاص اوليت ڏني وڃي، جيڪڏهن ڪنهن به آفيسر يا جيل عملي جي شڪايت ملي ته ڪارروائي ڪبي.