تازہ ترین

عمرڪوٽ جي قومي تڪ اين اي 213 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جاري

پ پ اميدوار صبا ٽالپر ۽ گڏيل مخالف ڌر جي اميدوار لال چند مالهي ۾ سخت مقابلو

عمرڪوٽ (ويب ڊيسڪ) عمرڪوٽ جي قومي تڪ اين اي 213 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ شروع.

پيپلز پارٽي جي اميدوار صبا ٽالپر ۽ گڏيل اپوزيشن جي اميدوار لال چند مالهي وچ ۾ سخت مقابلي جا امڪان، مجموعي طور 18 اميدوار ميدان تي لٿل.

وڏي انگ ۾ ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق ادا ڪرڻ لاءِ پولنگ اسٽيشنز تي پهچي ويا، پولنگ جو عمل شام 5 وڳي تائين جاري رهندو.

تڪ ۾ ڪُل 498 پولنگ اسٽيشنز مان 269 حساس ۽ 91 انتهائي حساس قرار ڏنيون ويون، سڪيورٽي جا انتظام سخت.

عمرڪوٽ جي اين اي 213 جِي سيٽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نواب يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي کان پوءِ خالي ٿي هئي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.