نواب ولي محمد، گھوٽڪي، ڪراچي ۽ محرابپور ۾ احتجاج، گھوٽ ڄڃ سميت احتجاجن پريس ڪلب پهتو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌوءَ مان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل، ننڍن وڏن ڳوٺن توڙي شهرن ۾ مظاهرا ۽ ڌرڻا.
نواب ولي محمد ۾ ايس ٽي پي جو قومي شاهراهه تي شاميانا لڳائي ڌرڻو، وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شرڪت، ڌرڻي سبب گاڏيون بيهجي ويون.
جسقم شهيد بشير خان پاران سنڌو درياهه تي ڌاڙي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو اڄ پنجين ڏينهن به بک هڙتال جاري.
ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، آصف راهوجو، حنان عباسي ۽ ٻيا اڳواڻ بک هڙتالي ڪئمپ تي موجود.
سنڌوءَ تي ڌاڙي خلاف گهوٽڪي ۾ نرالو احتجاج، گهوٽ جو ڄاڃين سميت پريس ڪب آڏو احتجاجي مظاهرو.
گھوٽڪي پريس ڪلب اڳيان ٿيندڙ احتجاج ۾ گهوٽ ۽ ڄاڃين جي سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاهڻ خلاف نعريبازي.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ جي خوشحالي سان ئي اسان جو جياپو آهي، حڪمران ڪئنال رٿا وارو فيصلو واپس وٺن.