اسرائيلي ڊرون حملي ۾ پيءُ ڌيءُ شهادت ماڻي، النصر اسپتال ڀرسان صحافين جي خيمن تي حملو، هڪ صحافي سڙي فوت
غزا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) غزا تي اسرائيلي فورسز جا حملا جاري، وڌيڪ 46 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
اسرائيلي ڊرون حملي ۾ پيءُ ڌيءُ شهادت ماڻي، النصر اسپتال ڀرسان صحافين جي خيمن تي حملي ۾ هڪ صحافي زندهه سڙي فوت، 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
غزا ۾ 18 مارچ کان جنگبندي معاهدو ختم ٿيڻ کان پوءِ اسرائيلي حملن ۾ هيل تائين 500 فلسطيني ٻارڙا شهيد ٿي چڪا.