تازہ ترین

ملڪ ۾ معاشي استحڪام اچي چڪو آهي: محمد اورنگزيب

معاشي استحڪام کي هاڻ جٽادار ترقي ۾ تبديل ڪرڻو آهي، مٽا سٽا جي ذخيرن ۾ واڌ ۽رپئي جي ملهه ۾ استحڪام آيو آهي

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام اچي چڪو آهي، ملڪ درست دڳ تي هلي پيو، سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي.

هن چيو ته معاشي استحڪام کي هاڻ جٽادار ترقي ۾ تبديل ڪرڻو آهي، مٽا سٽا جي ذخيرن ۾ واڌ ۽رپئي جي ملهه ۾ استحڪام آيو آهي.

وزيراعظم چئي چڪو آهي ته هي آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام هوندو، آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام تڏهن هوندو، جڏهن اسان سخت فيصلا ڪنداسين

محمد اورنگزيب چيو ته وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي آهي، اسان جي ذميواري  آهي ته مهانگائي ۾لاٿ جو فائدو عوام تائين پهچي.

ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.