ڌني زال کيئنراج ڪولهي جو ذهني توازن درست نه هو ، جنهن ڪري هن انتهائي قدم کنيو: وارث
ٿرپارڪر (ويب ڊيسڪ) ننگرپارڪر ڀرسان ڪاٺو ڪولهي ۾ چئن ٻارڙن جي ماءُ جو گهر اندر ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو.
ڌني زال کيئنراج ڪولهي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب وارثن جو چوڻ آهي ته عورت دماغي توازن درست نه هجڻ سبب انتهائي قدم کنيو.