تازہ ترین

سنڌ ۾ پهريان ئي پاڻي جي کوٽ آهي ڪئنال ٺهڻ سان سنڌ سُڪي ويندي: سعيد غني

ڪراچي ( ويب ديسڪ) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ۾ پهريان ئي پاڻي جي کوٽ آهي ڪئنال ٺهڻ سان سنڌ سُڪي برباد ٿي ويندي.

سنڌ ۾ پاڻي ناهي، پنجاب ۾ به پاڻي کوٽ آهي، هي ڪئنال ٺاهي پاڻي ڪٿان آڻيندا، سمجهه ۾ نٿو اچي ته ان منصوبي کي ڇو ٺاهيو پيو وڃي؟

صوبائي وزير سعيد غني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سينٽ ۾ به اهو ئي موقف آهي ته ڪئنال سنڌ جي وحدت خلاف آهن.

سعيد غنيءَ چيو ته سنڌ سرڪار وٽ احتجاج کان سواءِ به ٻيا فورم آهن، اهو مرحلو ناهي آيو ته روڊن تي اچجي، سنڌ سان ظلم زيادتي تي آواز بلند ڪيو ويندو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.