تازہ ترین

جنگبندي معاهدي باوجود غزا ۾ اسرائيلي فوج جا حملا جاري، 200 فلسطيني شهيد

غزا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) جنگبندي معاهدي باوجود غزا ۾ اسرائيلي فوج جا حملا جاري، تازن حملن ۾ 200 فلسطيني شهيد جڏهن ته هڪ سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

فلسطين جي سول ايمرجنسي سروس جو چوڻ آهي ته غزا ۾ سحري وقت اسرائيلي فوج 35 هوائي حملا ڪيا، دير البلاح ۾ ٽن گهرن کي نشانو بڻايو ويو.

خان يونس ۽ رفح ۾ به حملا، حماس جو چوڻ آهي ته اسرائيل هڪ طرفي جنگبندي معاهدي کي ختم ڪري رهيو آهي.

اسرائيلي وزيراعظم آفيس جو چوڻ آهي ته حماس طرفان يرغمالين جي آزادي کان هر هر انڪار ۽ ڏنل سمورين تجويزن کي رد ڪري ڇڏيو.

اسرائيلي فوج کي غزا ۾ حماس خلاف سخت ايڪشن وٺڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي، وائيٽ هائوس موجب حملن بابت آمريڪا سان مشاورت ڪئي وئي هئي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.