تازہ ترین

پاڻيءَ جو مسئلو بقا جو مسئلو، اڄ ملڪي حالتون سنگين آهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪينال ٺاهڻ خلاف ٺهراءُ جي سڀني حمايت ڪئي آهي.

سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته خوشي جي ڳالهه آهي ته اڄ سڀني پارٽين حمايت ۾ ڳالهايو.

سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير چيو ته اسان کي هن ملڪ سان تمام گهڻي محبت آهي، پاڪستان ٺاهڻ جو سڀ کان پهرين ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي پاس ڪيو.

پاڻي سنڌ جي جيئڻ مرڻ جو معاملو آهي، سنڌ جي پاڻيءَ تي ڪنهن کي به قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين، سنڌو درياهه تي پهريون حق سنڌ ۽ سنڌ واسين جو آهي.

هن چيو ته پنهنجي هڪ مخصوص فائدي جي لاءِ سموري سنڌ کي سڪائي نٿو سگھجي، پوري دنيا ۾ پهريان تحقيق ۽ پوءِ پاليسي جوڙي ويندي آهي.

اسان جو الميو آهي ته هتي بنا تحقيق ڪرڻ جي ڪي به پاليسيون ٺاهيو وڃن ٿيون جيڪي اڳتي هلي نقصان پهچائين ٿيون.

شرجيل ميمڻ چيو ته جيڪڏهن درياهن ۾ پاڻي نه هوندو ته سنڌ کي پاڻي ڪٿان ملندو، ڪراچيءَ کي پاڻي ڪٿان ملندو؟

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڻيءَ جو مسئلو اسان جي بقا جو مسئلو آهي ، اڄ ملڪ جون حالتون انتهائي سنگين آهن.

سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير چيو ته ملڪ ۾ باهيون لڳل هيون ۽ آصف علي زرداريءَ پاڪستان کپي جو نعرو لڳايو.

شرجيل ميمڻ چيو ته صدر مملڪت چيو ته جي وفاق هڪ ڌر کي شڪايت آهي ته هو ان سان گڏ ڪم نٿو ڪري سگھي.

مختلف اخبارن جي سرخين ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ تي الزام لڳايا ويا ته پاڻيءَ تي سودو ڪري پيپلز پارٽي اقتدار ماڻڻ چاهي ٿي.

شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي پاڻيءَ تي ڪڏهن به ٺاهه نه ڪيو آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.