اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته عورتن جي برابر حقن کان سواءِ سماج جي ترقي ممڪن ناهي.
اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي جتي عورتون محفوظ محسوس ڪن، شهيد بينظير ڀٽو عورتن لاءِ قيادت جا دروازا کوليا.
عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پيغام جاري ڪندي چيو ته صنفي برابري انصاف ۽ جمهوريت جو بنيادي اصول آهي، ۽ مادر ملت فاطمه جناح جي جدوجهد جي روشن علامت آهي.
هر عورت جي آواز کي ٻڌو وڃي، ان جي قدر ڪئي وڃي ۽ ان جو احترام ڪيو وڃي، بيگم نصرت ڀٽو جي قربانين ۽ همت کي سلام پيش ڪريون ٿا.