غزا (انٽرنيشل ڊيسڪ) ٽرمپ جو منصوبو رد، عرب ملڪن غزا جي نئين سر اڏاوت لاءِ مصر جي منصوبي جي حمايت ڪري ڇڏي.
عرب ملڪن جو قاهره ۾ غير معمولي اجلاس ٿيو جنهن ۾ مصر، سعودي عرب، قطر، اردن، شام ۽ ٻين ملڪن سميت گڏيل قومن جو سربراهه، يورپي يونين جو صدر ۽ اسلامي سهڪاري تنظيم جو سيڪريٽري جنرل شريڪ ٿيا
مصر ڊونلڊ ٽرمپ جي تجويز رد ڪندي غزا جي نئين سر اڏاوت لاءِ منصوبو پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
تجويز ڪيل منصوبي ۾ لکين گهرن، واپاري بندرگاهه ۽ ايئرپورٽ جي اڏاوت شامل آهي.
فسلطيني علائقن ۾ چونڊون ۽ ٻه رياستي حل جون ڪوششون به منصوبي جو حصو هونديون.
عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل جو چوڻ آهي ته مصر جو منصوبو هاڻ عرب منصوبو بڻجي چڪو آهي.