تازہ ترین

ڳالهه نه مڃڻ تي وائيٽ هائوس ۾ مهمان ٿي آيل يوڪريني صدر کي ڇنڊ، بنا معاهدن جي روانون

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪا جي ڳالهه نه مڃڻ تي وائيٽ هائوس ۾ مهمان ٿي آيل يوڪريني صدر کي ڇنڊ پٽي وئي.

ڊونلڊ ٽرمپ ۽ نائب آمريڪي صدر جون زيلنسڪي سان سخت لهجي ۾ ڳالهيو.

يوڪريني صدر گڏيل پريس ڪانفرنس ۽ معاهد تي صحيحون ڪرڻ کان سواءِ روانو ٿي ويو.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هاڻ زيلنسڪي جي هٿ ۾ ڪجهه به ناهي رهيو، هن آمريڪا جي بي عزتي ڪئي آهي.

کيس واپس موٽائي ڇڏيو آهي، هو دنيا کي تباهي طرف وٺي وڃڻ چاهي ٿو، زيلنسڪي امن لاءِ تيار نه آهي، جڏهن هو امن لاءِ تيار ٿئي ته واپس اچي سگهي ٿو.

يوڪريني صدر جو چوڻ آهي ته آمريڪا روس سان ڪهڙي سياسي ڊپلوميسي جي ڳالهه ڪري پيو.

روس طرفان امن جي ضمانت ملڻ تائين ڳالهيون نٿيون ڪري سگهجن، زيلنسڪي پاران ٽرمپ سان ڪاوڙ ۾ ڳالهائڻ تي معافي وٺڻ کان انڪار.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.