سکر (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ جي گنجائش ناهي، سنڌ حڪومت سنڌو درياهه جي محافظ آهي، ڪينال نه ٺهندا.
سکر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير جو چوڻ هو ته درياهه ۾ پاڻي ڪونهي، ڪينال ڪيئن ٺاهيا ويندا؟ سنڌ جي حقن تي ڌاڙي واري ڪنهن به منصوبي کي قبول نه ڪنداسين.
جيستائين پ پ جي حڪومت آهي، تڪراري منصوبن جي مخالفت ڪندا رهنداسين، سنڌو درياهه تي ڪنهن به صورت ۾ڪينال ٺهڻ نه ڏينداسين.
وڏي وزير چيو ته هاڻ ملڪ جو صدر آصف علي زرداري آهي، تڪراري منصوبا ڪيئن منظور ٿيندا؟ سنڌ حڪومت هر شعبي جي ماڻهن جي مدد ڪندي رهندي آهي.
هر شعبي جي ماڻهو کي حق آهي ته اهو موقعي مان فائدو حاصل ڪري، سنڌ جو نوجوان باصلاحيت آهي، بهترين تعليمي ادارا قائم ڪيا آهن.
مراد علي شاهه چيو ته شاگرد پنهنجي ملڪ ۽ والدين جو نالو روشن ڪرڻ لاءِ محنت ڪن، سنڌ حڪومت تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته سکر ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ يونيورسٽي ٺاهي پئي وڃي، شاگردن کي آڪسفورڊ ۾ پڙهڻ لاءِ ميرٽ تي اسڪالرشپ ڏني ويندي.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سڄي سنڌ ۾ ٿاڻن کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، پوليس ۽ عوام وچ ۾ اعتماد بحال ڪرڻ ضروري آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪميونٽي پوليسنگ کي هٿي وٺرائڻي پوندي، اقليتي برادري، ٻارڙن ۽ عورتن سان زيادتي برداشت نه ڪبي، منشيات جي خاتمي لاءِ سنڌ حڪومت هرممڪن قدم کڻي پئي.