باڪو (انٽرنيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي آذر بائيجان جي صدر سان ملاقات لاءِ صدارتي محل آمد.
پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ ٻه ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جي معاهدن تي صحيحون ڪرڻ تي اتفاق.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آذربائيجان جي صدر سان مقصد واريون ڳالهيون ٿيون، ٻطرفن لاڳاپن کي معاشي ميدان ۾ هٿي وٺرائڻي آهي،
گڏيل مفادن جي منصوبن سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو ٿيندو، معاهدن کي هڪ مهيني ۾ حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ٿيو آهي.
ٻه ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جي معاهدن تي اپريل ۾ اسلام آباد تي صحيحون ٿينديون گوادربندر علائقائي واپاري لاءِ انتهائي اهم آهي.
آذربائيجان جي صدر الهام عليوف چيو ته هو ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا مضبوط ڪرڻ کي هٿي وٺرائي رهيا آهن.
خطي جي صورتحال ۽ سلامتي وارن معاملن تي هڪ جهڙي نظر رکن ٿا، اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جا وڏا موقعا موجود آهن.
دفاعي پيدوار جي شعبي ۾ پاڪستان جو اهم مقام آهي، علائقائي ترقي لاءِ مواصلاتي منصوبن کي هٿي وٺرائڻ ضروري آهي. باڪو ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ مختلف معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون.