واشنگٽن (انٽرنيشل ڊيسڪ) آمريڪا ۾ ملازمن کي پوري ھفتي جي ڪارڪردگي اي ميل ڪرڻ جي ھدايت.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٻانهن ٻيلي ايلون مسڪ سوشل ميڊيا تي ملازمن کي خبردار ڪري ڇڏيو.
ايلون مسڪ جو چوڻ هو ته سڄي ھفتي ۾ جيڪو ڪم ڪيو آھي ان بابت وفاقي ملازم اي ميل ذريعي آگاھه ڪنداسين.
ان سرڪاري ايميل جو جواب نه ڏيندڙ ملازمن کي انهن جي عهدن تان برطرف ڪيو ويندو.