تازہ ترین

حيدرآباد: وڪيلن جو ايس ايس پي هٽائڻ لاءِ ٻيهر احتجاج، پوليس اهلڪارن لاءِ ڪورٽ جا دروزا بند ڪيا ويا

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ ايس ايس پي کي هٽائڻ لاءِ وڪيلن جو احتجاج، عدالتي ڪارروائين جو بائڪاٽ.

وڪيلن عدالتن جا دروازا بند ڪري ڇڏيا، پوليس جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي وئي.

وڪيل گيٽ تي بيهي هر ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي سڃاڻپ ڪرڻ کان پوءِ اندر ڇڏڻ لڳا.

وڪيل اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي حيدرآباد کي هٽائڻ تائين عدالتي احاطي ۾ پوليس جي داخلا تي پابندي آهي.

وڪيل اڳواڻ موجب ايس ايس پي کي جلد هٽايو نه ويو ته نئين حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو.

سٽي ڪورٽ ڪراچي ۽ ملير جي وڪيلن پاران به حيدرآباد جي وڪيلن جي حمايت ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائڪاٽ ڪيو پيو وڃي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.