ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميرپور ماٿيلو ۾ صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي،ايندڙ ٻڌڻيءَ تي جوابدار طلب.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي ايم اين اي خالد احمد لنڊ، سندس پٽن شهباز لنڊ، نور محمد لنڊ کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
جوابدار ايم اين اي خالد لنڊ، شهباز لنڊ، نور محمد لنڊ ۽ برڪت لنڊ ڪٿي آهن؟ عدالت جو پڇاڻو.
پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ جي عدالت کي آگاهي ڏني ته جوابدار عدالت ۾ پيش نه ٿيا آهن، انهن کي نوٽيس وصول نه ٿيا آهن.
عدالت صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس مان خالد لنڊ ۽ سندس ٻن پٽن جا نالا خارج ڪرڻ وارو فيصلو معطل ڪرڻ ۾ واڌ ڪري ڇڏيو.