صوابي (نيشنل ڊيسڪ) صوابي ۾ وحشي جوابدار چئن ٻارڙن کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو.
يار حسين سيڙا چينا واري علائقي ۾ زال پيڪين وڃڻ تي جوابدار ڪاوڙ ۾ اچي ويو.
جوابدار پنهنجن ئي چئن معصوم ٻارڙن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ به خودڪشي ڪري ڇڏي.
مارجي ويلن ۾ 2 ڀائر ۽ 2 ڀينرون شامل، چئني ٻارڙن ۽ سندن پيءُ جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا.