اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته هن حڪومت ۽ مخالف ڌر کي باضابطا طور خط لکي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ميمبرن جي مقرريءَ بابت پارلياماني ڪميٽيءَ جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ طلب ڪري ورتا آهن. اياز صادق اها ڳالهه قومي اسيمبلي ايوان جي ڪارروائيءَ دوران مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب طرفان اٿاريل مختلف نقطن جو جواب ڏيندي چئي. هن چيو ته نامزدگيون ملڻ کان پوءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙي ويندي. اسپيڪر اياز صادق عمر ايوب جي رمارڪس جو جواب ڏيندي چيو ته اصولي فيصلو آهي ته سوالن جي وقفي دوران ڪنهن پوائنٽ آف آرڊر جي اجازت نه ڏني وڃي، اسان ان تي سختيءَ سان عمل ڪري رهيا آهيون ۽ ان تي عمل ڪندا رهنداسين.