اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پيڪا قانون خلاف درخواست تي اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اٽارني جنرل کي مدد لاءِ طلب ڪري ورتو، پي ايف يو جَي ۽ اينڪرز ايسوسي ايشن جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس امين منهاس رمارڪس ڏنا ته ڪوڙي نيوز جي اشاعت روڪڻ گهرجي يا نه؟ ڪوڙي خبر مسئلو ته آهي، صحافي تنظيمن جي وڪيل چيو ته پيڪا قانون ايتري تڪڙ ۾ ٺاهيو ويو آهي ته شقن ۾ نمبر به درست ناهن، قانون ۾ ايتريون غلطيون آهن جو درخواست گذار جا 2 وصف بيان ڪيا ويا آهن، جيڪي هڪ ٻئي سان ٽڪراءَ ۾ آهن.