دبئي (انٽرنيشنل ديسڪ) وزيراعظم هڪ ارب ڊالر جي قرض جي ٻي قسط لاءِ اڄ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقات ڪندو، ذريعن موجب شهباز شريف ۽ ڪرسٽالينا جارجيوا ۾ ملاقات دبئي ۾ ورلڊ گورنمينٽس سمٽ جي موقعي تي ٿيندي، ملاقات ۾ عالمي مالياتي اداري جي ايم ڊي کي آءِ ايم ايف جي شرطن تي عمل بابت بريف ڪيو ويندو، هڪ ارب ڊالر جي قرض جي ٻي قسط جاري ڪرڻ جي درخواست پڻ ڪئي ويندي.