ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيڪا ترميمي ايڪٽ خلاف درخواست تي وفاق کي نوٽيس جاري، سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻن هفتن اندر جواب طلب ڪري ورتو، هن قانون ۾ ڪهڙي خرابي آهي، سڀ فيصلا عدالتن ۾ ناهن ٿيندا، ڪجهه فيصلا لاڳاپيل اٿارٽيز کي به ڪرڻ ڏيو: چيف جسٽس محمد شفيع صديقي جا رمارڪس، درخواستگذار جي وڪيل علي طاهر چيو ته بنيادي سوال اهو آهي ته صحيح ۽ غلط جو فيصلو ڪير ڪندو، بنيادي حقن بابت عدالتن کي ئي فيصلا ڪرڻا آهن، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن بنيادي حقن جو معاملو سامهون اچي ٿو ته ان جو فيصلو آئيني بينچ ڪندي.