اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته سڄي دنيا وڏي معاشي تبديلين مان گذري رهي آهي، واپاري ٽيرف وڏو چئلينج بڻجي سامهون آيو آهي. سامونڊي واپار جو معيشت ۾ بنيادي ڪردار آهي، سامونڊي واپار جي تحفظ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. طاقتور بحريا فوج سامونڊي واپار جي تحفظ جي ضامن آهي. خواجا آصف امن ڊائلاگ جي افتتاحي تقريب کي خطاب کي خطاب ڪندي چيو ته هندي سمنڊ ۾ عالمي تيل ۽ گئس جا 50 سيڪڙو ذخيرا آهن، عالمي معاشي نظام ميري ٽائيم تي ڀاڙي ٿو، پاڪ بحريا علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري پئي، مصنوعي ذهانت ۽ ٽيڪنالاجي جي انقلاب عالمي منظر نامو تبديل ڪيو آهي.