تازہ ترین

پاڪستان ۽آمريڪا جا عوامي رابطا مضبوط ڪرڻ گهرجن: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽آمريڪا جا عوامي رابطا مضبوط ڪرڻ گهرجن، ماڻهن سان برابريءَ وارو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي، بلاول ڀٽو زرداري پاران نيشنل پريئر بريڪ فاسٽ ۾ شرڪت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن نيرن جي تقريب ۾ آمريڪا سميت سڄي دنيا مان آيل اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون، سندس جيڪي به ملاقاتون ٿيون آهن اهي سموريون ذاتي حيثيت سان ٿيون آهن، آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي گنجائش آهي، هر مسلمان حضرت عيسيٰ عليه السلام کي مڃيندڙ آهي، هي رڳو تقريب نه پر عالمي دعائيه تقريب آهي، هي مذهبي ڀائيچاري لاءِ بهتر موقعو آهي، مذهب کي ويڇا پيدا ڪرڻ بدران متحد ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.