راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ 267 هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس، پاڪ فوج جي شهيدن ۽ شهرين جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، آءِ ايس پي آر موجب ڪانفرنس ۾ ايل او سي، ورڪنگ بائونڊري ۽ موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، فورم پاران يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي، ڪنهن به اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته ڀارتي فوج جا کوکلا بيان سندن وڌندڙ مايوسيءَ جي نشاندهي ڪري رهيا آهن، ڪنهن به اڳرائيءَ جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج ملڪي خودمختياري ۽ سلامتي جي بچاءَ لاءِ مڪمل طور تيار آهي، آرمي چيف جنرل عاصم منير خطاب ڪندي چيو ته پاڪ فوج قوم کي پيش ايندڙ چئلينجز کان مڪمل طور تي آگاهه آهي، پاڪ فوج عوام جي ڀرپور حمايت سان آئيني ذميوارين کي پورو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.