ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا آءِ ايم ايف جي شرطن تي ايگريڪلچر انڪم ٽئڪس بل 2025ع جي کٽڪن سان منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان موجب ايگريڪلچر انڪم ٽئڪس بل جنوري 2025ع کان لاڳو ٿيندو. سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته صوبائي حڪومت ايگريڪلچر انڪم ٽئڪس ۾ لائيو اسٽاڪ کي شامل ناهي ڪيو. ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ايگريڪلچر انڪم ٽئڪس جي بورڊ آف روينيو بجاءِ سنڌ روينيو بورڊ اوڳاڙي ڪندو جڏهن ته قدرتي آفتن جي صورت ۾ ايگريڪلچر انڪم ٽئڪس ۾ ايڊجسٽمينٽ ٿيندي. وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان ٻڌايو ته آباد ايراضي لڪائڻ جي صورت ۾ ڏند لاڳو ڪيو ويندو، ننڍين ڪمپنين تي زرعي ٽئڪس 20 سيڪرو ۽ وڏين ڪمپنين تي 28 سيڪڙو لاڳو هوندو. 20 ڪروڙ رپين مان 25 ڪروڙ رپين تائين زرعي آمدني تي 2 سيڪڙو ٽئڪس لڳندو، زرعي آمدني 25 ڪروڙ کان 30 ڪروڙ رپين تي 3 سيڪڙو ٽئڪس لڳندو، جڏهن ته 30 ڪروڙ رپين کان 25 ڪروڙ رپين تائين زرعي آمدني تي 4 سيڪڙو ٽئڪس لڳندو. ايگريڪلچر انڪم ٽئڪس ايڪٽ موجب زرعي آمدني 35 ڪروڙ رپين کان 40 ڪروڙ رپين تائين 6 سيڪرو ٽئڪس لڳندو، 40 ڪروڙ رپين کان 50 ڪروڙ رپين تائين زرعي آمدني تي 8 سيڪڙو ٽئڪس لڳندو، جڏهن ته زرعي آمدني 50 ڪروڙ رپيا کان وڌيڪ هجڻ تي 10 سيڪڙو ايگريڪلچر انڪم ٽئڪس لڳندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته زرعي آمدني 6 لک ساليانو تائين ٿيڻ تي ٽئڪس لاڳو نه ٿيندو، 6 لک کان مٿي 12 لک تائين آمدنيءَ تي 15 سيڪڙو ٽئڪس لاڳو هوندو، جڏهن ته وڌيڪ آمدني وارن زميندارن تي سپر ٽئڪس لاڳو ڪيو ويندو. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ سنڌ ڪابينا جي ميمبرن جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهائڻ کان پهريان سنڌ جي عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ گھرجي ها، وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ملڪي مفاد ۾ سنڌ ڪابينا زرعي ٽئڪس جي منظوري ڏئي رهي آهي، وفاقي حڪومت سان ٻيهر ڳالهائيندس.