تازہ ترین

حماس ۽ حزب الله سان ويرهه، اسرائيل پاران 5 فوجي مارجڻ جي تصديق

غزه (ويب ڊيسڪ) اسرائيل، لبنان ۾ حزب الله ۽ غزه ۾ حماس سان ويڙهه ۾ پنهنجي5 فوجين جي مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. رائٽرز موجب غزه ۾ فلسطين جي جھيڙيندڙ تنظيم حماس سان ويڙهه دوران 4 اسرائيلي فوجي مارجي ويا، جڏهن ته لبنان ۾ ايران جي حمايت يافته تنظيم حزب الله سان ويڙهه جي نتيجي ۾ هڪ اسرائيلي فوجي مارجي ويو. يهودي فوج پنهنجي 5 فوجين جي مارجڻ جي تصديق بابت بيان جاري ڪندي چيو ته غزه ۾ هڪ اسرائيلي فوجي زخمي به ٿيو آهي، جڏهن ته لبنان ۾ ويڙهه دوران زخمي ٿيندڙ فوجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.