تازہ ترین

آسٽريليا ۽ زمبابوي دورن لاءِ پاڪستاني ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ٽيمن جو اعلان

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آسٽريليا ۽ زمبابوي جي دورن لاءِ ٽيمن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستاني ٽيم آسٽريليا ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون کيڏندي جڏهن ته زمبابوي ۾ به 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون کيڏندي. پي سي بيءَ جي پڌرائيءَ موجب زمبابوي لاءِ بابر اعطم، نسيم شاهه ۽ شاهين آفريدي کي آرام ڏنو ويندو، جڏهن ته وائيٽ بال ٽيم جي ڪپتان جو اعلان پي سي پي چيئرمين محسن نقوي ڪندو. پي سي بيءَ پاران زمبابوي دوري لاءِ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي. آسٽريليا لاءِ ون ڊي جي جٿي ۾ بابراعظم، عبدالله شفيق، محمد رضوان، صائم ايوب، سلما علي آغا، شاهين شاهه آفريدي شامل آهن، جن کان سواءِ عامر جمال، عرفات منهاس، فيصل اڪرم، حارث رئوف، ڪامران غلام ۽ محمد حسنين به ٽيم جو حصو هوندا. حسيب الله، محمد عرفان خان، نسيم شاهه به ون ڊي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيا ويا. پي سي بيءَ پاران ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي رانديگرن جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي جن ۾ بابراعظم، عرفات منهاس، حارث رئوف، حسيب الله ۽ جهانداد خان شامل آهن، جڏهن ته عباس آفريدي، محمد رضوان، محمد عرفان خان، نسيم شاهه ۽ عمير بن يوسف به ٽي ٽوئنٽي جٿي جو حصو هوندا. انهن کان سواءِ صاحبزاده فرحان، سلمان علي آغا، شاهين شاهه آفريدي، صائم ايوب، سفيان مقيم ۽ عثمان خان ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ شامل هوندا.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.