تازہ ترین

April 12, 2025

Year : 2025

ٻن وڏين طاقتن ۾ ٽيرف جنگ تيز، چين آمريڪي شين تي 125 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪري ڇڏيو

عالمي واپاري ضابطن جي ڀڃڪڙي نه ٿيڻ ڏيندا، هو آمريڪي ڌمڪين کان نه ڊڄندا: چيني پرڏيهي وزارت بيجنگ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ٻن وڏين طاقتن وچ ۾ ٽيرف جي جنگ تيز ٿي وئي، آمريڪا پاران لاڳو ڪيل 145 سيڪڙو ٽيرف جي جواب ۾ چين به آمريڪي شين تي 125 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪري ڇڏيو. چين آمريڪا کي […]

وزيراعظم شهبازشريف جو بيلاروس جي راڄڌاني منسڪ ۾ هيوي گاڏين جي فيڪٽري جو دورو

فيڪٽري ۾ 1948ع کان کاڻين ۾ استعمال ٿيندڙ سامان تيار ڪيو پيو وڃي، بيلاز فيڪٽري ۾ 1961 کان ٽرڪون تيار ڪيون پيون وڃن. منسڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهبازشريف جو بيلاروس جي راڄڌاني منسڪ ۾ هيوي گاڏين جي فيڪٽري جو دورو. فيڪٽري ۾ 1948ع کان کاڻين ۾ استعمال ٿيندڙ سامان تيار ڪيو پيو وڃي، بيلاز فيڪٽري […]

اي ڊي شر قتل ڪيس: منصور اعواڻ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد مان 7 ڏينھن جي حفاظتي ضمانت ڪرائي ورتي

عدالت پوليس کي پابند ڪيو ته 17 اپريل تائين قتل ڪيس ۾ جوابدار کي گرفتار نه ڪيو وڃي ٺري ميرواهه (ويب ڊيسڪ) ٺري ميرواهه جي صحافي اي ڊي شر جي قتل ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد منصور اعواڻ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد مان ستن ڏينھن جي حفاظتي ضمانت ڪرائي ورتي. جوابدار کي لاڳاپيل […]

ٿرڙي محبت: ڳوٺ وليو کوسو ۾ نوجوان جو گھر مان ڪھاڙيون لڳل لاش ھٿ

اطلاع بعد پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي غلام شبير کوسو جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال ميھڙ منتقل ڪيو ٿرڙي محبت (ويب ڊيسڪ) ٿرڙي محبت ڀرسان ڳوٺ وليو کوسو ۾ نوجوان جو گھر مان ڪھاڙيون لڳل لاش ھٿ آيو. اطلاع بعد پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي غلام شبير کوسو جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال ميھڙ منتقل […]

تلهار ڀرسان شاديءَ جي تقريب ۾ فائرنگ، نينگر قتل، 2 ڄڻا زخمي

ڳوٺ لونگ شيدي ۾ شادي جي خوشي ۾ فائرنگ دوران گولي لڳڻ سبب 10 ورهين جو راحب شيدي قتل ٿي ويو، زاهد ۽ غلام محمد شيدي زخمي ٿي پيا تلهار (ويب ڊيسڪ) تلهار ڀرسان شاديءَ جي تقريب ۾ خوشي دوران فائرنگ سبب نينگر قتل ٿي ويو جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڳوٺ لونگ […]

لاڙڪاڻو ڀرسان شاداد بروهي واسين جو مبينا ڦر مزاحمت تي قتل ڪيل نوجوان جو لاش رکي ڌرڻو

هٿياربندن پٽ کي موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو: مقتول جو والد لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ شاداد خان بروهي جي رهواسين جو مبينا ڦر مزاحمت تي قتل ڪيل نوجوان جو ايس ايس پي چوڪ تي لاش رکي ڌرڻو. مقتول عامر بروهي جي پيءُ جو چوڻ آهي ته هٿياربندن پٽ […]

صدر آصف علي زرداري صحتيابيءَ بعد خانگي اسپتال مان ڊسچارج

صدر آصف علي زرداري کي اسپتال مان موڪل ملي وئي آهي: ڊاڪٽر عاصم حسين ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري خانگي اسپتال مان ڊسچارج، صدر کي صحتيابي کان پوءِ گهر روانو ڪيو ويو. ڊاڪٽر عاصم حسين جو چوڻ آهي ته صدر آصف علي زرداري کي اسپتال مان موڪل ملي وئي آهي. صدر مملڪت جي […]

پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ ڪيترا ئي اهم معاهدا ٿيا آهن: عطا تارڙ

ڏيڍ لک پاڪستانين لاءِ بيلاروس ۾ روزگار جا دروازا کليا آهن: وفاقي وزير منسڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ ڪيترا ئي اهم معاهدا ٿيا آهن. ڏيڍ لک پاڪستانين لاءِ بيلاروس ۾ روزگار جا دروازا کليا آهن، بيلاروسي صدر ڏيڍ لک هنرمند پاڪستانين کي روزگار […]

وچ اوڀر ۾ نئون تڪرار روڪڻ لاءِ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهيون اڄ عمان ۾ ٿينديون

عمان (انٽرنيشنل ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ نئون تڪرار روڪڻ لاءِ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهيون اڄ عمان ۾ ٿي رهيون آهن. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين جو مرڪز نئين نيوڪليئر ڊيل هوندي. ايراني ميڊيا موجب ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ آمريڪي ايلچي اسٽيوو ٽڪوف سڌي ريت ڳالهيون ڪندا. آمريڪي صدر ڊونلڊ […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.