تازہ ترین

March 3, 2025

Year : 2025

آءِ ايم ايف وفد پاڪستان پهتو، ناڻي واري سيڪريٽري جي سربراهي ۾ وفد جي آءِ ايم ايف اختيارين سان ملاقات

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) آءِ ايم ايف جو وفد پاڪستان پهچي ويو، ناڻي واري سيڪريٽري جي سربراهي ۾ وفد جي آءِ ايم ايف اختيارين سان ملاقات. آءِ ايم ايف وفد جي قيادت ناٿن پورٽر ڪري رهيو آهي، آءِ ايم ايف وفد پهرين مرحلي ۾ ٽڪينيڪي سطح تي ڳالهيون ڪندو. ٻئي مرحلي ۾ پاڪستان ۽ آءِ […]

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وزيراعظم سان رٿيل ملاقات ملتوي

اسلام آباد (نيسنل ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وزيراعظم سان رٿيل ملاقات ملتوي. ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري جي اسلام آباد آمد کانپوءِ نئون شيڊول جاري ڪيو ويندو. پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڀاڻي اسلام آباد پهچندو.

26 نومبر ڪيس، پي ٽي آءِ جي گرفتار 56 ورڪرز جون ضمانتون منظور

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 26 نومبر جي ڪيسز جي ٻڌڻي، پي ٽي آءِ جي گرفتار 56 ورڪرز جون ضمانتون منظور. دهشتگردي ٽوڙ عدالت گرفتار جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.  اي ٽي سي 5،5 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ڪارڪنن جون ضمانتون منظور ڪيون.

باقراڻي ڀرسان قتل ٿيل پوليس اهلڪار  محمد رفيق شيخ جي وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

باقراڻي (ويب ڊيسڪ) باقراڻي ڀرسان قتل ٿيل پوليس اهلڪار  محمد رفيق شيخ جي وارثن جو لاش رکي ڌرڻو. قتل ڪيس سرڪاري فرياد تي داخل ڪرائڻ ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ لاڙڪاڻو – موئن جو دڙو تي روڊ تي  احتجاج ڪيو وي،  ٽائرن کي باهه. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته گذريل رات ايس ايس پي […]

افغانستان جي سرحد کان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جو سلسلو جاري

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) افغانستان جي سرحد کان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جو سلسلو جاري. پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ افغان دهشتگردن جي ملوث هجڻ ۾ اضافو. سڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث افغان دهشتگرد جي سڃاڻپ منظرعام تي اچي وئي. 28 فيبروري تي غلام خان ڪلي ۾ 14 دهشتگردن کي ماريو […]

جتوئي برادري جي ٻن ڌرين  جي جهيڙي ۾ ماريل کي پوليس مقابلي ۾ مارڻ جي دعوٰي

ڳاهيجا (ويب ڊيسڪ) ڳاهيجا پوليس جو نرالو ڪارنامو، ڳوٺ ماڻڪ جي وانڍ ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين  جي جهيڙي ۾ مارجي ويل عبدالحڪيم جتوئي کي پوليس مقابلي ۾ مارڻ جي دعوٰي ڪري ڇڏي. ڳاهيجا ٿاڻي تي پوليس  پاران پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس موجب مقابلي ۾ مارجي ويل عبدالحڪيم جتوئي تي […]

ملڪ ۾ وقفي وقفي سان برسات ۽ برفباري جو سلسلو جاري

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) ملڪ ۾ وقفي وقفي سان برسات ۽ برفباري جو سلسلو جاري آهي، جنهن بعد ٿڌ ۾ واڌ اچي وئي.  آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات ۽ برفباري جاري آهي. پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ تيز برسات کانپوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي.              بلوچستان جي مختلف […]

ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل کاتي جي وزير علي حسن زرداري سينٽرل جيل ڪراچي جو دورو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل کاتي جي وزير علي حسن زرداري سينٽرل جيل ڪراچي جو دورو ڪري قيدين کي ملندڙ سهولتن جو جائزو ورتو. صوبائي وزير علي حسن زرداري عورتن ۽ ٻارن جي جيل جو به دورو ڪيو، جيل جي مختلف وارڊن جو معائنو ڪرڻ کان پوءِ سحري لاءِ تيار ٿيندڙ ماني […]

ڪي پي  حڪومت وفاق کان افغانستان سان ڳالهين لاءِ ٽي او آرز جي جلد منظوري جو مطالبو ڪري ڇڏيو

خيبرپختونخوا (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا حڪومت وفاق کان افغانستان سان ڳالهين لاءِ ٽي او آرز جي جلد منظوري جو مطالبو ڪري ڇڏيو. صوبائي صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته صوبائي حڪومت هنگامي بنيادن تي هڪ وفد افغانستان موڪلڻ چاهي ٿي. وفاقي حڪومت افغانستان سان ڳالهين لاءِ ٽي او آرز جي جلد منظوري ڏئي، ماڻهن […]

حڪومت کي مخالف اتحاد کان ڪو به خطرو ناهي: عرفان صديقي

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته حڪومت کي مخالف اتحاد کان ڪو به خطرو ناهي. پي ٽي آءِ تشدد ۽ ڏڦيڙ جي سياست ڪندي ڪندي اڳتي آئي، جنهن سبب اتحاد ڪمزور رهندو. پاڪستان مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ عرفان صديقي چيو آهي ته پي ٽي آءِ سان هٿ ملائيندڙ پارٽيون جمهوري […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.