تازہ ترین

ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل کاتي جي وزير علي حسن زرداري سينٽرل جيل ڪراچي جو دورو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل کاتي جي وزير علي حسن زرداري سينٽرل جيل ڪراچي جو دورو ڪري قيدين کي ملندڙ سهولتن جو جائزو ورتو.

صوبائي وزير علي حسن زرداري عورتن ۽ ٻارن جي جيل جو به دورو ڪيو، جيل جي مختلف وارڊن جو معائنو ڪرڻ کان پوءِ سحري لاءِ تيار ٿيندڙ ماني بابت ڄاڻ ورتي.

صوبائي وزير علي حسن زرداري جيل جي رڌڻي جو معائنو ڪري قيدين جي سحري لاءِ تيار ٿيندڙ کاڌو ٽيسٽ پُڻ ڪيو، قيدين سان ملاقات به ڪئي.

ان موقعي تي صوبائي وزير علي حسن زرداري چيو ته سنڌ جي سمورن جيلن جو دورو ڪري قانون مطابق قيدين کي سھولتون ڏنيون وينديون، قيدين کي جيل اندر انسان دوست ماحول ڏنو ويندو.

صوبائي وزير علي حسن زرداري جيل انتظاميا کي هدايت ڪئي ته قيدين جي سحري ۽ افطاري جو خاص خيال رکيو وڃي.

صوبائي وزير علي حسن زرداري سينٽرل جيل ڪراچي جي دوري دوران قيدين جي اسپتال جو به معائنو ڪيو، قيدي مريضن جي عيات به ڪئي ۽ انهن جي علاج بابت ڄاڻ به ورتي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.