سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

صدر مملڪت آصف علي زرداري سان وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات

ايوان صدر ۾ ٿيل ملاقات ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ به شريڪ

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) صدر مملڪت آصف علي زرداري سان وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات.

ايوان صدر ۾ ٿيل ملاقات ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ به شرڪت ڪئي.

ملاقات ۾ پهلگام واقعي بعد ڀارت سان ڇڪتاڻ ۽ موجوده سڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ٻنهي اڳواڻن طرفان ڀارت جي جارحاڻي رويي تي ڳڻتي جو اظهار، پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان ڪنهن به قسم جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندو.

پاڪستاني قوم متحد ۽ پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي، پاڪ فوج ڪنهن به جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

Related posts

Leave the first comment