سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

تلهار ڀرسان شاديءَ جي تقريب ۾ فائرنگ، نينگر قتل، 2 ڄڻا زخمي

ڳوٺ لونگ شيدي ۾ شادي جي خوشي ۾ فائرنگ دوران گولي لڳڻ سبب 10 ورهين جو راحب شيدي قتل ٿي ويو، زاهد ۽ غلام محمد شيدي زخمي ٿي پيا

تلهار (ويب ڊيسڪ) تلهار ڀرسان شاديءَ جي تقريب ۾ خوشي دوران فائرنگ سبب نينگر قتل ٿي ويو جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڳوٺ لونگ شيدي ۾ شادي جي خوشي ۾ فائرنگ دوران گولي لڳڻ سبب 10 ورهين جو راحب شيدي قتل ٿي ويو جڏهن ته زاهد ۽ غلام محمد شيدي زخمي ٿي پيا.

مقتول نينگرن جو مڙهه ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، واقعي بعد شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.

Related posts

Leave the first comment